امروٽ شريف

امروٽ شريف: هيءُ ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ديهه امروٽ ۾ آباد آهي، جنهن ۾ امروٽ شريف کان علاوه ’ڪلر آباد‘ (جت) ۽ ’ساهڙ‘ ڳوٺ به آهن. هتي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهي. هتي اسپتال جي سهوليت به موجود آهي. هيءُ ڳوٺ مشهور سياسي ۽ ديني شخصيت سيد تاج محمود امروٽيءَ جي ڪري مشهور آهي، جنهن کي عام طرح مولانا تاج محمود امروٽي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هن ڳوٺ ۾ مشهور تاريخي مدرسو آهي، جنهن جو باني مولانا تاج محمود امروٽي هو، جنهن اهو مدرسو 1308هه/ 1890ع ۾ قائم ڪيو. مولانا صاحب مدرسي جي سنڀال ۽ درس لاءِ وقت جي وڏي عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي مهتمم مقرر ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ، امروٽ ۾ مولانا امروٽيءَ جي زيرنگرانيءَ پهريائين ديني درسگاهه کولي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا شاگرد پڙهڻ آيا. هن مدرسي جو نالو ”دارالعلوم قاسميه“ رکيو ويو. سيپٽمبر 1923ع ۾ ان کان پوءِ مولوي عبدالرئوف سومرو مرزاپوري، مولوي يارمحمد سومري مرزاپوري، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي (ضلعو ٿر)، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا خوش محمد (ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو) وغيره جا نالا، ان مدرسي جي شاگردن ۾ قابل ذڪر آهن، جيڪي پنهنجي وقت جا فياض ۽ جيد عالم به ٿي گذريا آهن. امروٽ جي دارالعلوم جي ٻي اهم خصوصيت اها هئي، جو ٻين علمن سان گڏ طالب علمن ۾ وطن جي حب، آزاديءَ ۽ جهاد جو جذبو به پيدا ڪيو ويندو هو. هن مدرسي مان فارغ التحصيل عالمن، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ديني ۽ قومي اصلاح لاءِ نمايان ڪم ڪيو. مولانا امروٽيءَ جي شاگردن ۽ مريدن ۾ الله جي تعليم'>شاهه ولي الله جي تعليم ايڏو اثر ڪيو، جو سنڌ مان بدعت ۽ بداعتقاديءَ جي پاڙ پٽجي وئي .


لفظ امروٽ شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو